شاهپور چاڪر

شاهپور چاڪر

شاهپور چاڪر

شاهپور چاڪر: ضلعي سانگهڙ جي تعلقي شهدادپور جو هڪ قديم تاريخي شهر، جيڪو مير چاڪر خان ولد مير شهزاد خان ٽالپر ٻارهين هجري صديءَ ۾ ٻڌايو هو. هيءُ شهر سانگهڙ ۽ نوابشاهه جي وچ تي ٻنهي طرفن کان 30 ڪلوميٽرن (18 ميل) جي مفاصلي تي واقع آهي. شهر جي آبادي اٽڪل پنجاهه هزار آهي. هن شهر جا رستا نواب شاهه، سانگهڙ، شهدادپور، ٽنڊي آدم، جهول ۽ سنجهوري سان ڳنڍيل آهي. هن شهر مان ننڍي گيج واري ريلوي پٽڙي گذري ٿي ۽ هتي ريلوي اسٽيشن به آهي، ليڪن هن وقت غير فعال آهي.
شهر جي اتر اوڀر ۾ مير شهداد خان، مير چاڪر خان ۽ انهن جي خاندان جو تاريخي مقام آهي، سندن قبا نهايت خسته حاليءَ ۾ آهن. شهر ۾ ٻه هائر سيڪنڊري اسڪول، صحت گهر ۽ ٻيون آفيسون قائم آهن. شهر کي يونين ڪائونسل جي حيثيت مليل آهي. زرعي آبادي، مال پڙيءَ جي ڪري شهر واپار جو مرڪز آهي. وڏن راڄن وارا ماڻهو رهن ٿا. شهر جي پسگردائيءَ ۾ شاهه بخش عمراڻي ڳوٺ، حاجي مُراد ڳوٺ، شير دل ڳوٺ، سليمان ڏاهري ڳوٺ، موريو خان سنجراڻي ڳوٺ، ساٿي خان بگٽي ڳوٺ، علي مُراد باگراڻي ڳوٺ، سائين رکيو خان ڪيريو ڳوٺ، دوست علي خان ڪوش ڳوٺ ۽ ٻيا ڪيترا ئي ڳوٺ موجود آهن، جن جو روزانو واهپو شاهپور چاڪر سان آهي.


لفظ شاهپور چاڪرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو